راءِ راؤ2

راءِ/ راؤ2: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب اڳئين دؤر جي سومرن بادشاهن کي ’راءُ‘ يا ’راؤ‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. مثلاً: وڏي ڀونگر يا ننڍي ڀونگر (يعني دودي چنيسر جي ڏاڏي يا پيءُ) کي سڀني روايتن ۾ ’ڀونگر راءِ يا ڀونگر راؤ سڏيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو طاقتور بادشاهه هو.ٻيو نالو ’دلوراء‘ بادشاهه جو اچي ٿو، جيڪو پڻ سومرو هو. سومرن جو آڳاٽو ۽ پهريون مشهور سردار ’سومار‘ هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ سندس نالي پويان ’ابن سومار‘ سڏجڻ لڳو، حالانڪه ابن سومار جو اصل نالو ’راڄپال‘ هو. ’سومار‘ جو لقب ’راء‘ هو. سومار راءِ مان سومر راءِ سڏبو هو. ’سومر راء‘ جي پويان ئي سندس اولاد ’سومرا‘ سڏجڻ لڳو، جڏهن سومرا حڪمران خود مختيار ٿيا ته ان دؤر جي ٻين حڪمرانن وانگر شاهي لقب اختيار ڪيائون. راءُ/ راءَ لفظ جي ’جامع سنڌي لغات‘ مطابق معنيٰ راجا/ حاڪم آهي. راءِ گهراڻي جا سمورا راجا ’راءِ‘ سڏبا هئا، جيئن راءِ سهاسي، راءِ سهيرس وغيره. هندو حاڪمن جي نالي پٺيان ڪم ايندڙ لفظ ۽ معزز هندن کي سرڪار طرفان مليل خطاب کي ’راءِ بهادر‘ پڻ چيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو